سجاد ميراڻي

سجاد ميراڻي

سجاد ميراڻي

سجاد ميراڻي: سنڌ جي نامياري شاعر سجاد ميراڻيءَ جو اصل نالو غلام حسين ولد علي بخش ميراڻي آهي. سندس جنم پهرين مارچ 1956ع تي خيرپور ضلعي جي تاريخي شهر پريالوءِ ۾ ٿيو. تعليم جي لحاظ کان ايم. اي (سنڌي ادب) ۽ ايم. ايڊ آهي. تعليم کاتي ۾ استاد آهي. سجاد ڪيترا ڀيرا سنڌي ادبي سنگت، ضلعي خيرپورميرس جو ضلعي رابطا سيڪريٽري ۽ مرڪزي عهديدار به رهي چڪو آهي. سنڌي ٻوليءَ جو پختو شاعر آهي. هن شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سمورين صنفن کي اظهار جو ذريعو بڻايو آهي.، پر غزل ۽ خاص طور وائيءَ تي عبور رکي ٿو. سندس شاعري سادي اظهار، آسان لفظن ۽ مترنم لهجي جو مرڪب آهي. سجاد ميراڻيءَ جي شاعريءَ جا ٽي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن: (1) ’دلدار وڏي شيءِ آ‘ (2005ع، (2) ’مان تنهنجو هان‘ (2010ع) ۽
(3) ’جيءُ جياريو جن‘ (2011ع) شامل آهن. کيس ادبي خدمتن تي ’سچل اوارڊ‘، ’حامي اوارڊ‘، ’سليم ڳاڙهوي اوارڊ‘، ’مولانا عبدالله چانڊيو اوارڊ‘، ’مخدوم اسماعيل پريالوئي اوارڊ‘، ’سرمد سنڌي اوارڊ‘ ۽ ڪيترا سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن.


لفظ سجاد ميراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.03.01  عيسوي

سنڌ جي نامياري شاعر سجاد ميراڻيءَ جو اصل نالو غلام حسين ولد علي بخش ميراڻي آهي. سندس جنم پهرين مارچ 1956ع تي خيرپور ضلعي جي تاريخي شهر پريالوءِ ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد حسين شوقي ٺٽوي
محمد زمان شاهه ساقي ٺٽوي
فاضل خان ٺٽوي
بسنت ڪمار تياڳي
محمد مقيم شاعر ٺٽوي
سڄڻ قبولائي
رفيق امروٽي
ڀڳوان نردوش
اوڌو داس وشنداس ڀارواڻي
ميرغلام رسول ٽالپرغريب
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون